ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي چيو آهي ته پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ٽيم جي شڪست بيٽنگ جي ناڪامي سبب نصيب ٿي

Virat-Kholi-Newzeland-Seriers-121016

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي چيو آهي ته پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ٽيم جي شڪست  بيٽنگ جي ناڪامي سبب نصيب ٿي.

ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم ٽن ٽِيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڀارتي ٽيم کي شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

ميچ ۾ شڪست بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ويرات ڪوهلي چيو ته ميزبان ٽيم کي پهرين اننگ ۾ 286رنز تي آئوٽ ڪرڻ بعد سندس ٽيم 209رنز تي آئوٽ ،جنهن سبب ميزبان ِٽيم کي پهرين اننگ ۾ 77رنز جي برتري حاصل ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته ڏکڻ آفريڪي ٽيم کي ٻي اننگ ۾ 130رنز تي آئوٽ ڪرڻ بالرز اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ 208رنز جو آسان ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ٽيم ناڪام رهي،جنهن جي سموري زميواري بيٽنگ جي ناڪامي تي آهي.

هن چيو ته هو گهڻو پراميد آهي ته ايندڙ ٽِيسٽ ميچ ۾ٽيم جا بيٽسمين سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*