بالي ووڊ فلم پدماوتي جَو نالو تبديل ڪري پدماوت رکڻ باوجود رليز ٿيڻ ۾ ڏکيائيون برقرار آهن

padvamati

بالي ووڊ فلم پدماوتي جَو نالو  تبديل ڪري پدماوت رکڻ باوجود  رليز ٿيڻ ۾ ڏکيائيون برقرار آهن، راجستان حڪومت رياست ۾ فلم جي نمائش جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، انتهاپسند تنظيمن پاران فلم رليز ٿيڻ تي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڀارتي سنسر بورڊ تڪراري فلم جو نالو تبديل ڪري پدماوت رکڻ تي فلم کي 25 جنوري تي رليز ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

انتها پسند تنظيمن جي ڌمڪين ۽ راجستان حڪومت پاران فلم کي رياست ۾ نمائش جي اجازت نه ڏيڻ کانپوءِ پدماوت جي رليز ٿيڻ ۾ ڏکيائيون گهٽجي نه سگهيون آهن.

راجستان حڪومت جو چوڻ آهي ته فلم مختلف قانوني تڪرارن جو شڪار آهي، رليز ٿيڻ تي سڪيورٽي نه ٿا ڏئي سگهون تنهن ڪري فلم کي رياست ۾ نمائش جي اجازت نه ڏئي سگهجي.

شري راشٽريا راجپوت ڪرني سينا جي سربراهه چيو ته 25 جنوري تي فلم رليز ٿي ته سڄي ملڪ ۾ باهه ٻري ويندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*