اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته عمران خان جنهن ٿالهي ۾ کائيندو آهي، ان ۾ سوراخ ڪندو آهي

nawaz sharif

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته عمران خان جنهن ٿالهي ۾ کائيندو آهي، ان ۾ سوراخ ڪندو آهي، هو هڪ ڪٽنب جي عزت داءَ تي لڳائي پاڻ لڪي ويو آهي، عمران خان جي شادي جو معاملو ذاتي آهي، مان ڪنهن جي ذاتيات تي نه ڳالهائيندو آهيان ۽ نه ئي ڳالهائڻ گهرجي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته عمران خان جنهن ٿالهي ۾ کائيندو آهي، ان ۾ ئي سوراخ ڪندو آهي.

هن چيو ته عمران خان هڪ خاندان جي عزت ۽ حرمت کي داءُ تي لڳائي پاڻ لڪي ويهي رهيو آهي. هاڻ اهو ڪٽنب ۽ ان جا ٻارڙا وضاحتون پيش ڪري رهيا آهن.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اهڙي ڪا حرڪت ڪئي آهي ته عمران خان ان کي عوام آڏو وائکو ڪري، هو بزدلن جيان لڪي ويهي رهيو آهي.

صحافي نوازشريف کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان 17 جنوري کان نئين تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيو؟ جنهن تي ميان نوازشريف چيو آهي ته گذريل ساڍن چئن سالن کان اهڙين تحريڪن کي ئي منهن ڏئي رهيا آهن، اها هاڻ معمول جهڙي ڳالهه ٿي چڪي آهي.

نوازشريف صحافي کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان کي ڪيس سمجهه ۾ اچي رهيا آهن، جنهن تي صحافي جواب ڏنو ته ها شاهدن جا بيان قلمبند ٿي رهيا آهن، جنهن تي نوازشريف چيو ته عدالت ۾ صحيح رپورٽنگ نه ٿي رهي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*