پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ هڪ شاگرد فوت ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فيصل آباد ۾ خانگي ڪمپني جي بس 3 شاگردن مٿان چڙهي وئي، مڇريل ماڻهن بس کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي

Accident-Road-27217

پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ هڪ شاگرد فوت ۽ 7  ڄڻا زخمي ٿي پيا، فيصل آباد ۾ خانگي ڪمپني جي بس 3 شاگردن مٿان چڙهي وئي، مڇريل ماڻهن بس کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي.

فيصل آباد آباد ۾  گوجرانوالا کان کڙيانوالا ويندر خانگي ڪمپني جي بس ٽن شاگردن بس کي روڪڻ جي اشارو ڪيو ته ڊرائيور بس شاگردن مٿان چاڙهي ڇڏي.

موقعي تي شهرين ۽ رضاڪارن پهچي زخمي شاگرد سعد محمود، قاسم محمود ۽ سمعيا کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو،

واقعي بعد ڊرائيور فرار ٿي ويو، مڇرل شاگردن ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد بس کي باهه ڏئي ڇڏي.

واقعو جو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي مڇريل ماڻهن کي ڇڙ وڇڙ ڪيو.

ٻي طرف دريا خان ۾ برڪت والا ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي ۽ رڪشي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ شاگرد فوت ٿي ويو، جڏهن ته 7 زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي رضاڪارن پهچي زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*