قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته امريڪا بابت سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻو پوندو

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته امريڪا بابت سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻو پوندو، ذوالفقارڀٽوجي دور۾ ڪنهن کي همٿ نه هئي ته پاڪستان خلاف ڳالهائي، پ پ آئين ۽ قانون موجب چونڊون وقت تي چاهي ٿي، سينيٽ جون چونڊون ملتوي نه ٿيون ٿي سگهن، نجومين تي ڪو اعتبار نٿو ڪيان، چوٿين شادي به عمران خان جو حق آهي،

فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته نجمومين تي ڪو به اعتبار نه ٿو ڪري،

هن چيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون موجب چونڊون ٿيڻ گهرجن، اسان پهرين ڏينهن کان ماڊل ٽائون سانحي جي متاثرن جي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته اسان آزاد پرڏيهي پاليسي چاهيون ٿا، ڪنهن سان به ڇڪتاڻ نٿا چاهيون.

خورشيد شاهه چيو ته حڪومت چار سال ضايع ڪرڻ بعد پرڏيهي وزير رکيو، ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين ته اسان کي ڊڪٽيٽ ڪري.

اپوزيشن ليڊر چيو ته امريڪا بابت سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻو پوندو، ذوالفقارڀٽوجي دور۾ ڪنهن کي همٿ نه هئي ته پاڪستان خلاف ڳالهائي،

هن چيو ته پ پ آئين ۽ قانون موجب چونڊون وقت تي چاهي ٿي، سينيٽ جون چونڊون ملتوي نه ٿيون ٿي سگهن،

خورشيد شاهه چيو ته ٽئين ۽ چوٿين شادي به عمران خان جو حق آهي، کيس درخواست آهي ته شادي ڪري ته ان کي سنڀالي هلائي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*