وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي آگاهي ڏني وئي ته ڪراچي جي سهراب ڳوٺ، مڇر ڪالوني، اورنگي نالا ۽ بختاور وليج ۾ پوليو انوائرمينٽل سيمپل هاڪاري ڏٺا ويا آهن

Syed-Murad-Ali-Shah-1817

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  کي آگاهي ڏني وئي ته ڪراچي جي سهراب ڳوٺ، مڇر ڪالوني، اورنگي نالا ۽ بختاور وليج ۾ پوليو انوائرمينٽل سيمپل هاڪاري ڏٺا ويا آهن.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صحت واري وزير، ايم اين اي عذرا پيچوهو، وفاقي حڪومت، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف جا عملدار، آءِ جي سنڌ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

مراد علي شاهه اجلاس دوران چيو ته 2017 ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر ٿيڻ تي کيس شديد ڏک پهتو آهي، معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

اجلاس ۾ وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته 2017 دوران ڪراچي جي سهراب ڳوٺ، مڇر ڪالوني، اورنگي نالا ۽ بختاور وليج ۾ پوليو انوائرمينٽل سيمپل هاڪاري ڏٺا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*