حڪومت توانائي بحران جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ نيوڪليئر پاور پروگرام تي غور ڪيو ويو، وزيراعظم چيو آهي ته حڪومت توانائي بحران جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.

 اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پاڪ نيوڪليئر پروگرام بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل راشد محمود، دفاع واري وزير خواجه آصف ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سميت ڊي جي اسٽريٽجڪ پلاننگ ڊويزن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڪي ٽو ۽ ڪي ٿري پراجيڪٽس سان گڏ مستقبل ۾ ٺهندڙ  منصوبن تي به غور ويچاريو ڪيو ويو.

وزيراعظم نواز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪي ٽو ۽ ڪي ٿري منصوبن لاءِ فنڊ 2050 جي ويزن تحت جاري ڪيا ويندا.

وزيراعظم چيو ته حڪومت، توانائي بحران جي خاتمي لاءِ هر قدم کڻي رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*