اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز چيو آهي ته نوازشريف جي سياسي ۽ عوامي طاقت جي خوف سبب قادري سان مليا آهن

mariyam nawaz

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز چيو آهي ته نوازشريف جي سياسي ۽ عوامي طاقت جي خوف سبب قادري سان مليا آهن،

پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ مريم نواز چيو ته جن ماڻهن جون وفاداريون غيرن سان آهن، اهي اڄ قوم جا نام نهاد ليڊر آهن،

هن چيو ته نوازشريف جي سياسي ۽ عوامي طاقت جي خوف سبب اهي سڀ قادري سان گڏجي ويا آهن. جيڪو پاڪستان جو شهري نه آهي.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته اهڙي شخص پاڪستان خلاف هٿيار کڻڻ جو حلف کنيو آهي، جنهن جون وفاداريون غيرن سان آهن. اڄ اهو نام نهاد ليڊرن جو ليڊر آهي.

مريم نواز چيو ته جمهوريت جي دعويٰ ڪندڙن کي جمهوريت جي قبر کوٽيندڙ سان اتحاد مبارڪ هجي، ڇا اهڙي طرح عوام جو رستو روڪيو ويندو؟………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*