گڏيل عرب امارتن ۾ نابين ماڻهن لاءِ ڳالهائيندڙ اي ٽي ايم مشين متعارف ڪرائي وئي آهي، ويل چيئر تي ويٺل معذور پڻ اي ٽي ايم کي آساني سان استعمال ڪري سگهندا

blind atm

گڏيل عرب امارتن ۾ نابين ماڻهن لاءِ ڳالهائيندڙ اي ٽي ايم مشين متعارف ڪرائي وئي آهي، ويل چيئر تي ويٺل معذور پڻ اي ٽي ايم کي آساني سان استعمال ڪري سگهندا.

 شارجا بئنڪ ۾ اليڪٽرانڪ چينل جي سربراهه وليد المودوئي ميڊيا کي ٻڌايو ته اي ٽي ايم مشين ۾ سينٽرل بئنڪ جي مطابق حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن، جنهن تي سڄي دنيا جون بئنڪون عمل ڪنديون آهن.

هن اي ٽي ايم ۾آواز جي مدد سان رهنمائي جو فيچر به شامل آهي، نابين ماڻهو اسپيڪر ۽ هيڊ فون ذريعي رازداري سان استعمال ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته انگريزي ۽ عربڪ ۾ بريل رسم الخط تي ٻڌل ڪي پيڊ به شامل آهي.

هن اي ٽي ايم ۾ هڪ بدران 3 ڪيميرا لڳايا ويا آهن ته جيئن اي ٽي ايم مان رقم ڪڍندي نابين ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪري کين هر قسم جي نقصان کان بچائي سگهجي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*