آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ جرمن سفير وچ ۾ ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي

army cheif kamar bajwa

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ جرمن سفير وچ ۾ ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جرمن سفير چيو آهي ته  خطي ۾ امن لاءِ پاڪ فوج جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان جرمن سفير وچ ۾ ملاقات جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته  ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ خطي جي سيڪيورٽي بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات دوران جرمن سفير دهشتگردي خلاف پاڪ فوج جي قدمن جي واکاڻ ڪندي چيو ته خطي ۾ امن لاءِ پاڪ فوج جو ڪردار واکاڻ جوڳو  آهي. ……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*