پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪي صدر جيان اڄ تائين اسان سان ڪنهن به ائين نه ڳالهايو آهي

Shahbaz-sharif-Punjab-1817

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪي صدر جيان اڄ تائين اسان سان ڪنهن به ائين نه ڳالهايو آهي، دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ هزارين پاڪستانين قربانيون ڏنيون، جنهن جو اعتراف ڪرڻو پوندو، هاڻ ملڪ مان دهشتگردي ختم ٿي رهي آهي، روئڻ ۽ پٽڻ ۾ فائدوناهي اسان کي تاريخ مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شهبازشريف چيو ته روئڻ ۽ پٽڻ ۾ فائدوناهي اسان کي تاريخ مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي،

هن چيو ته پرڏيهي طاقتن جو طعنو ڏيڻ ۽ الزام لڳائڻ افسوسناڪ آهي، اسان کي اهڙن ملڪن کان امداد وٺڻ کان توبهه ڪرڻ گهرجي.

شهبازشريف چيو ته امداد ڏيڻ بعد اسان کي فقير ۽  دوکي باز چيو پيو وڃي، اهڙي امداد کان اسان کي بصر سان ماني ڀلي آهي.

پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف چيو ته پاڪستان کي پنهنجا وسيلا پاڻ پيدا ڪرڻ گهرجن، ايتري قربانين باوجود اسان کي ڪوڙو قرار ڏنو پيو وڃي. جنهن جو پاڪستان حقدار نه آهي.

شهبازشريف چيو ته چيو ته اڄ ملڪ ۾ دهشتگردي ختم ٿي رهي آهي ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ واضح طور گهٽتائي ٿي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*