پاڪستان اچڻ تي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري ايس جئي شنڪر

 پاڪستان ۽ ڀارت ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون مڪمل ٿيڻ بعد ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جئي شنڪر، وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ طارق فاطمي سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران ٻنهي ملڪن ۾ جامع ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ سميت اهم معاملن تي ويچاريو ويو.

ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتل ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري ايس جئي شنڪر  پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ پاڪستاني هم منصب  اعزاز چوڌري سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري، ڀارتي منصب جي آجيان ڪندي چيو ته هو جئي شنڪر کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چوي ٿو.

ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته کيس پاڪستان اچڻ تي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.

ملاقات بعد ٻنهي ملڪن ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ پاڪستان جي اڳواڻي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري ۽ ڀارت پاران جئي شنڪر ڪئي.

ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن ۾ جامع ڳالهيون ڪرڻ سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو.

ڳالهين بعد ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جئي شنڪر، وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ طارق فاطمي سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران پاڪ-ڀارت لاڳاپن، ٻنهي ملڪن ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*