اسلام آباد هائيڪورٽ نااهل شخص کي پارٽي صدر بڻائڻ خلاف درخواست تي نوازشريف کان جواب طلب ڪري ورتو آهي

ISB-high-Court-181016

اسلام آباد هائيڪورٽ نااهل شخص کي پارٽي صدر بڻائڻ خلاف درخواست تي نوازشريف کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ وڪيل رئيس عبدالواحد طرفان نااهل شخص کي پارٽي صدر بڻائڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته نااهل شخص کي پارٽي صدر بڻائڻ اخلاقي روايتن جي خلاف آهي.

درخواستگذار نوازشريف کي پارٽي صدر بڻائڻ واري عمل کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي.

عدالت درخواستگذار جي موقف تي نوازشريف، چيف اليڪشن ڪمشنر، سيڪريٽري اسٽيبلشمنٽ، سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن ۽ سيڪريٽري قانون کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي 30 جنوري تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تائين نوازشريف کي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*