ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي شڪايتن جي ازالي لاءِ ويب سائيٽ جو قائم ڪري ڇڏي آهي

FIA-7916

ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي شڪايتن جي ازالي لاءِ ويب سائيٽ جو قائم ڪري ڇڏي آهي، ايس ايس پي امير شيخ چيو آهي ته دنيا ۾ ان حوالي سان تمام گهڻا سخت قانون لاڳو آهن پر هتي ماڻهو قانون کان اڻڄاڻ آهن.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي ايف آءِ اي امير شيخ چيو ته سائيبر ڪرائيم کي روڪڻ لاءِ اها ويب سائيٽ اثرائتي ثابت ٿيندي، ان تي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ شڪايت رجسٽر ڪرائي سگهجي ٿي.

هن چيو ته متاثرن جو شڪايتون راز ۾ رکيون وينديون ۽ 48 ڪلاڪن اندر انهن سان رابطو ڪيو ويندو.

ايس ايس پي چيو ته سائيبر ڪرائيم کي روڪڻ ۾ ايتري مهارت حاصل ڪري ورتي آهي جو ڪو به غلطي ڪندڙ سزا کان بچي نه سگهندو.

امير شيخ چيو ته سائبر ڪرائيم ۾ ملوث جوابدارن لاءِ 50 هزار رپيا ڏنڊ ۽ 3 کان 14 سال سزا مقرر ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته سائبر ڪرائيم جون سڀ کان وڌيڪ شڪايتون نياڻين طرفان ڪرايون ويون، جن تي گهڻي ڀاڱي ڪارروائي ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*