اڳوڻي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته وڏي وزير ثناءُ الله زهري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي

Sarfraz-Bugti11-8

اڳوڻي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته وڏي وزير ثناءُ الله زهري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، بلوچستان حڪومت جي ترجمان جان اچڪزئي چيو آهي ته ثناءُ الله زهري استعيفيٰ نه ڏيندو،

بلوچستان ۾ بي اعتمادي رٿ صوبائي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ ئي وڏي وزير ثناءُ الله زهري جي استعيفائن جون خبرون گردش ڪرڻ لڳيون آهن.

اڳوڻي گهرو وزير سرفراز بگٽي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ثناءُ الله زهري  وڏ وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

ٻي طرف بلوچستان سرڪار جي ترجمان جان اچڪزئي چيو آهي ته وڏي وزير ثناءُ الله زهري جي استعيفيٰ بابت ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي، هو استعيفيٰ نه ڏيندو.

بلوچستان سرڪار جي ترجمان چيو ته وڏو وزير ثناءُ الله زهري بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪندو، کيس استعيفيٰ جو مشورو نه ڏنو ويو آهي.

ڪوئيٽا: بلوچستان جو وڏو وزير ثناءُالله زهري گورنر هائوس پهچي ويو

ٻي طرف ثناءُالله زهري جي بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي سان ملاقات ٿي، جنهن دوران بي اعتمادي رٿ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*