لاهور ايئرپورٽ تي ڪسٽم عملدارن ڪارروائي ڪندي ابوظهبي ويندڙ غير ملڪي عورت کي گرفتار ڪري 9 ڪلو هيروئن هٿ ڪري ورتي آهي

lahore airport lady arrest

لاهور ايئرپورٽ تي ڪسٽم عملدارن ڪارروائي ڪندي ابوظهبي ويندڙ غير ملڪي عورت کي گرفتار ڪري 9 ڪلو هيروئن هٿ ڪري ورتي آهي.

لاهور ايئرپورٽ تي هڪ غير ملڪي عورت جي شڪي سامان جي تلاشي ورتي وئي، جنهن مان 9 ڪلو هيروئن هٿ آئي.

ڪسٽم عملدارن منشيات کي تحويل ۾ وٺي عورت کي به گرفتار ڪري ورتو.

ڪسٽم عملدارن موجب، 21 ورهين جي عورت جو تعلق يورپي ملڪ چيڪ جمهوريه سان آهي ۽ سندس ويزا تي نالو ٽيريزا لکيل آهي،

ڪسٽم عملدارن موجب، عورت فيملي ويزي تي پاڪستان آئي هئي، جنهن کي حراست ۾ وٺي ڪسٽم هائوس منتقل ڪيو ويو آهي.

ڪسٽم عملدارن جو چوڻ آهي ته عورت جي نشاندهي تي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*