اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مريم نواز ۽ ٻين پاران قصور ۾ نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪئي وئي آهي

qasoor ningri agwa bad qatal

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مريم نواز ۽ ٻين پاران قصور ۾ نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري واقعي جي مذمت ڪئي وئي آهي. ڊي پي او قصور چيو آهي ته ٻارڙي سان زيادتي ڪيس ۾ 5 هزار ماڻهن کان جاچ ڪئي وئي، 66 ماڻهن جو ميڊيڪل چيڪ اپ به ڪرايو ويو آهي.

قصور ۾ 4 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نينگري جو لاش هٿ اچڻ بعد ڊي پي او قصور چيو آهي ته ٻارڙي سان زيادتي ڪيس ۾ 5 هزار ماڻهن کان جاچ ڪئي وئي،

ڊي پي او موجب،  ٻارڙي زينت کي 5 ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو هو، جاچ دوران 66 ماڻهن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو آهي.

هوڏانهن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته قصور ۾ معصوم ٻارڙي کي اغوا بعد زيادتي جو نشانو بڻائڻ معافي جوڳو عمل نه آهي.

آصف زرداري متاثر ڪٽنب سان ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

اڳوڻي صدر آصف زرداري ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته متاثر خاندان جي قانون ۽ اخلاقي مددد ڪئي وڃي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ٻارڙي سان زيادتي واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته  قصور ۾ اڳ به اهڙا 10 واقعا ٿي چڪا آهن.

هن چيو ته نينگري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي، شريفن جي حڪومت اهڙن وحشياڻن واقعن کي نظر انداز ڪندي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻارڙي سان زيادتي وارو واقعو شريفن جي حڪومت جي منهن تي چماٽ آهي.

بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زداري پاران به ٻارڙي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي.

عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري به ٻارڙي سان زيادتي واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو ته ٻارڙي پوري قوم جي نياڻي هئي،

ٻي طرف اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ مريم نواز چيو ته  قصور ۾ اغوا ڪري زيادتي بعد قتل ڪيل ٻارڙي وارو واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ملڻ گهرجي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*