سپريم ڪورٽ شريف ڀائرن جي شوگر ملز جي بندش بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران هارين کي ڌر بڻائڻ واري درخواست منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

supreme court

سپريم ڪورٽ شريف ڀائرن جي شوگر ملز جي بندش بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران هارين کي ڌر بڻائڻ واري درخواست منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ شريف ڀائرن جي شوگر ملز جي بندش بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار ۽ وڪيل اعتزاز احسن وچ ۾ زبردست جملن جي ڏي وٺ ٿي.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته درخواستگذار متاثر ڌر آهن، هائيڪورٽ ۾ کين ٻڌڻ بنا فيصلو ڪيو ويو،

چيف جسٽس چيو ته اعتزاز صاحب، اسان کي اوهان جي سياست ڇڏائڻي آهي،

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ماڻهو تڪليف ۾ آهن اسان کي ڪجهه ڪرڻو آهي،

چيف جسٽس اعتزاز احسن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان قانون ساز آهيو، ٻڌايو ته اوهان اسان جي ڪهڙي مدد ڪري سگهو ٿا.

چيف جسٽس دخواستگذار جو موقف ٻڌڻ بعد درخواست کي منظور ڪندي لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*