اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار نيب ريفرنس ۾ مجمند هجويري ٽرسٽ جا بينڪ اڪائونٽ بحال ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

ishaq dar

اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار نيب ريفرنس ۾ مجمند هجويري ٽرسٽ جا بينڪ اڪائونٽ بحال ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، وڪيل پاران داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته هجويري ٽرسٽ يتيم ٻارڙن جو ادارو آهي، جنهن 93 يتيم ٻارڙا رهندا آهن، اڪائونٽ بند هئڻ سبب اداري کي بند ڪرڻو پوندو، جنهن سبب ٻاررا بي سهارا ٿي ويندا.

آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ عدالت کي گهربل اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار احتساب عدالت ۾ هجويري ٽرسٽ جو اڪائونٽ بحال ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي.

اسحاق ڊار جي وڪيل پاران جمع ڪرايل درخواست استدعا ڪئي وئي آهي ته هجويري ٽرسٽ يتيم ٻارڙن جو ادارو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته هجويري ٽرسٽ ۾ 93 يتيم ٻارڙا ترسيل  آهن، اڪائونٽ بند ٿيڻ سان اداري کي بند ڪرڻو پوندو، جنهن بعد ٻارڙا بي سهارا ٿي ويندا.

احتساب عدالت جي جج اسحاق ڊار جي درخواست تي شروعاتي ٻڌڻي بعد نيب کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري وروت.

ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته 18 جنوري تي جواب ڪمع ڪرائي ڇڏينداسين،

عدالت اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي درخواست جي وڌيڪ ڪارروائي 18 جنوري تائين ملتوي ڪندي چيو ته درخواست جي ٻڌڻي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس سان گڏ ٻڌي ويندي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*