بالي ووڊ اسٽار ريتڪ روشن جي اڄ 44 هين سالگرهه آهي، فلمي ستارن ۽ ويجهي دوستن کيس جنم ڏينهن جون واڌايون ڏنيون آهن

hritick roshan

بالي ووڊ اسٽار ريتڪ روشن جي اڄ 44 هين سالگرهه آهي، فلمي ستارن ۽ ويجهي دوستن کيس جنم ڏينهن جون واڌايون ڏنيون آهن.

هن 10 جنوري 1974ع تي ڀارتي شهر ممبئي ۾ فلم پروڊيوسر راڪيش روشن جي گهر جنم ورتو.

 پهريون ڀيرو 6 سالن جي عمر ۾ ريتڪ روشن کي سندس ڏاڏَي اسڪرين تي آندو.

 1980ع ڌاري آشا فلم ۾ هن کي ڊانس ڪرڻ تي کيس 100 رپيا معاوضو ڏنو ويو.

 2000ع ۾ پنهنجي والد جي فلم ڪهو نا پيار هَي ذريعي هن فلمي ڪيريئر جي ابتدا ڪئي، پهرين فلم جي رليز ٿيندي ئي پنهنجي منفرد اداڪاري سبب ريتڪ روشن شهرت جي بلندين تي پهچي ويو.

 ڪهو نا پيار هَي جي سپر هٽ ٿيڻ سبب هن کي فلمن جون لاڳيتون آڇون ٿيون.

 ڪوئي مل گيا، آپ مجَهي اڇَي لگنَي لگَي، ڪرش سميت ٻين فلمن ۾هن جا يادگار ڪردار اد ڪيل آهن.

 بهتر اداڪار جي اعتراف طور کيس مڃتا ڏيندي 6 ڀيرا فلم فيئر ايوارڊز سميت ٻيا ايوارڊ ڏنا ويا…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*