ٿرڊ سول جج ٺٽي جي عدالت ۾ قبضا مافيا پاران ايڌي سينٽر جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ جي داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ۾ فيصل ستار ايڌي عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي

thatto faisal edhi

ٿرڊ سول جج ٺٽي جي عدالت  ۾ قبضا  مافيا پاران ايڌي سينٽر جي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ جي داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ۾ فيصل ستار ايڌي عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو جواب داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.

گذريل ٻه مهينا اڳ قبضي مافيا پاران ايڌي سينٽر کي تالا هڻائي پلاٽ تي مالڪي جي ڪوڙي دعويٰ ڪندڙ لينڊ مافيا جي هڪ قبضا گير گروپ ٿرڊ سول جج ٺٽي جي عدالت ۾ ايڌي سينٽر جون گاڏيون نه بيهارڻ جي داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ۾ ايڌي فائونڊيشن جو سربراهه فيصل ايڌي عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو جواب داخل ڪرايو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 20 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ان موقعي تي ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ستار ايڌي چيو ته لينڊ مافيا سندن ڊگهي عرصي کان ٺٽي ۾ هلندڙ فلاحي سرگرميون بند ڪرائي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، اهڙي درخواست به ان جي ڪڙي آهي.

 هن چيو ته اسان جو فلاحي ادارو ٺٽي ۾ 1990ع کان به اڳ قائم ٿيل هو، جتي اسان فلاحي انساني خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا هئاسين، جتي  سينٽر جي پلاٽ تي مالڪي جي ڪوڙي دعويٰ  ڪندڙ بااثر لينڊ مافيا سينٽر کي تالا هڻائي ڀڄ ڊاهه ڪئي.

فيصل ايڌي  چيو ته لينڊ مافيا پاران عدالتن کي درخواستون ڏيئي اسان کي انساني فلاحي سرگرمين کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر اهڙي سازش کي هر صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.

 هن جو چوڻ هو ته  ان سلسلي ۾ اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لينڊ مافيا خلاف پٽيشن داخل ڪرائي آهي، جتي قانوني جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ روڊ جي ڪنارن تي گاڏيون بيهاري به فلاحي سرگرميون جاري رکنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*