ڀان سيد آباد ۾ سيڪنڊ سول جج سرڪاري اسپتال تي ڇاپو هڻي اسپتال ۾ دوائن ۽ عملي جي کوٽ هئڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي

bhan syedabad

ڀان سيد آباد ۾ سيڪنڊ سول جج  سرڪاري اسپتال تي ڇاپو هڻي اسپتال ۾ دوائن ۽ عملي جي کوٽ هئڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو  آهي.

سيڪنڊ سول جج سيوهڻ امداد ڪيريو ڀان سرڪاري اسپتال تي اوچتو ڇاپو هنيو، جتي اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ۽ عملي جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي مريضن پاران جج کي  شاڪايتون ڪيون ويون ته اسپتال ۾ دوائون نٿيون ڏنيون وڃن، جنهن سبب اسان کان ٻاهران  پئسن تي وٺڻيون ٿيون پون، جنهن تي جج ايم ايس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته دوائن جي کوٽ پوري ڪري مريضن کي وڌيڪ پريشانن کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*