معين خان ڪيسينو وڃڻ واري غلطي تسليم ڪندي معافي گهري ورتي آهي، شهريار خان

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان معين خان سان ملاقات ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته چيف سليڪٽر معين خان ڪيسينو وڃڻ واري غلطي تسليم ڪندي معافي گهري ورتي آهي، جنهن بعد اهو معاملو هاڻي ختم ٿي ويو آهي.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين شهريارخان چيو ته معين خان سان ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ کائونس پڇا ڪئي وئي ته هو ڪيسنو معاملي جي وضاحت ڪري.

سندس چوڻ هو ته معين خان جو چوڻ آهي ته هو ڪيسنو پنهنجي گهرواري سان گڏ ماني کائڻ ويو هو، جنهن بعد هوٽل واپس آيو.

شهريارخان جو چوڻ هو ته معين خان پنهنجي غلطي تسليم ڪندي چيو آهي ته هو پي سي بي ۽ قوم کان پنهنجي غلطي تي معافي گهري ٿو.

هن چيو ته پي سي بي جاچ مطابق معين خان پي سي بي جي قانونن جي ڪابه ڀڃ ڪڙي نه ڪئي آهي،جنهن سبب هو چيف سلڪيٽر واري عهدي تي برقرار رهندو.

شهريارخان جو چوڻ هو ته آءِ سي سي اجلاس ۾ سري نواسن سان ملاقات ٿي هئي ۽ ڊسمبر مهيني ۾ يو اي ايِ ۾ پاڪ-ڀارت ميچز بابت ايم او يوز تي صحيح ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته پاڪستان کي بنگلاديش ۾ سيڪيورٽي جا خدشه آهن، جنهن سبب ٽيم بنگلاديش جو دورو نه ڪري سگهندي.

شهريار خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته اپريل مهيني ۾ نيڌرلينڊ جي ٽيم جو پاڪستان جو دورو طئه ٿيل هو پر تازو دهشتگردي جي واقعن سبب نيڌرلينڊ جي ٽيم دورو ملتوي ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*