سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ صنعت ڪراچي ۾ آهي پر ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ نٿو ڏنو وڃي

cm karachi

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ صنعت ڪراچي ۾ آهي پر ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ نٿو ڏنو وڃي، اميد ته منظوري کانپوءِ ٽريٽمينٽ پلانٽ تي ڪم شروع ٿي ويندو، جنهن ۾ وفاق ۽ سنڌ برابر حصو ڀريندا.

ڪراچي جي صنعتي علائقي ڪورنگي ۾ صنعتڪارن کي خطاب ڪرڻ دوران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وڏي وزير چيو ته عملدار ڇا ڪري رهيا آهن؟ جو  ڪراچي گندگي جو ڍير بڻيل آهن.

هن چيو ته ڪراچي هڪ ڪروڙ 60 لک آبادي وارو شهر آهي جتي ڏوهه نه ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

وڏي وزير چيو ته حڪومت جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي ڪري ته ان جي نشاندهي ضرور ڪئي وڃي.

مراد علي شاهه چيو ته سڀ کان وڌيڪ صنعت ڪراچي ۾ آهي پر ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ نٿو ڏنو وڃي.

هن چيو ته اميد ته انڊسٽريل ايريا ۾ منظوري کانپوءِ ٽريٽمينٽ پلانٽ تي ڪم شروع ٿي ويندو ، جنهن ۾ وفاق ۽ سنڌ برابر 50-50 سيڪڙو حصو ڀريندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*