لاهور هائيڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سنس ڌيءُ مريم نواز خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي

Lahore-High-Court-81116

لاهور هائيڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سنس ڌيءُ مريم نواز خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.

لاهورهائيڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز خلاف درخواست تي ٻڌني ٿي.

جسٽس شاهد ڪريم آمناملڪ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت درخواست کي اڳ ۾ داخل ٿيل درخواستن سان گڏ ڪري ڇڏيو.

درخواست سول سوائيٽي جي آمنا ملڪ ايڊووڪيٽ  اظهر صديقي جي ذريعي داخل ڪرائي هئي.

درخواستگذار جي وڪيل عبدالله ملڪ عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته عدليا تي تنقيد ڪري ادارن جو تقدس پائمال ڪيو پيوو ڃي.

درخواستگذار چيو ته ادارن جي بالادستي ۽ ادارن جو تقدس جو خيال رکڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.

درخواستگذار چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد نوازشريف ۽ سندس ڌيءُ لاڳيتو عدليا تي تنقيد ڪري رهيا هن، ڪوٽ مومن ۾  ٻيهر عدليا خلاف تقرير ڪئي وئي.

عدالت درخواستگذار جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد نوٽيس جاري ڪندي 18 جنوري تي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*