بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري جي استعيفا کان پوءِ صوبي ۾ نئون بحران پيدا ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي

molana abdul wasseh queetta

بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري جي استعيفا کان پوءِ  صوبي ۾ نئون بحران پيدا ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي، مولانا عبدلواسع چيو آهي ته حڪومتي جماعت وڏي وزير جو گڏيل اميدوار آڻي، اسان نئين حڪومت جو ساٿ ڏينداسين پر حڪومت جو حصو نه بڻجنداسين،

بلوچستان جي وڏي وزير ثناءُ الله زهري جي استعيفا کان پوءِ  صوبي ۾ نئون بحران پيدا ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو. مخالف ڌر جي اڳواڻ مولانا عبدلواسع ۽ اختر مينگل حڪومت کان ڌار رهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،

ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا عبدلواسع چيو ته حڪومتي جماعت وڏي وزير جو گڏيل اميدوار آڻي، اسان نئين حڪومت جو ساٿ ڏينداسين پر حڪومت جو حصو نه بڻجنداسين،

هن چيو ته بلوچستان جي موجوده صورتحال سان اسيمبلي کي ڪو به خطرو نه آهي،

مولانا عبدالواسع چيو ته اڪثريتي ليگي ميمبر وڏ وزارت لاءِ جنهن به اميدوار کي آڻيندا، اسان  ان جي ڀرپور حمايت ڪنداسين.

اپوزيشن ليڊر چيو ته اسان لاءِ سڀ احترام جوڳا آهن، اسان حڪومت سازي لاءِ پنهنجي دوستن سان صلاح مشورا ڪري رهيا آهن.

مولانا واسع چيو ته هو حڪومت کي نه ڪرائيندا ۽ نه ڪنهن کي ڪيرائڻ ڏيندا. هو حڪومت جا شوقين نه پر جمهوريت جو ساٿ ڏيندا آهن.

اپوزيشن ليڊر چيو ته بلوچستان جي مسئلن جو حل سموريون جماعتون گڏجي اتفاق سان حل ڪري سگهن ٿيون.

ٻي طرف اختر مينگل چيو ته سياست زميني حقيقتن کي ڏسي ڪئي ويندي آهي، اسان پنهنجي جنهوري انداز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.

اختر مينگل چيو ته اسان هميشه جمهوري حڪومتن جو ساٿ ڏنو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*