پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله خان قصور ۾ احتجاج دوران فائرنگ جي واقعي کي قانون جو رستو قرار ڏئي ڇڏيو

Rana-Sana-Ullah-21217

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله خان قصور ۾ احتجاج دوران فائرنگ جي واقعي کي قانون جو رستو قرار ڏئي ڇڏيو، راڻا ثناءُ الله چيو ته قصور واقعي کي مڇريل ماڻهن کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.

خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته قصور معاملي کي حل ڪرڻ ۽ مڇريل ماڻهن کي ڇڙ وڇڙ ڪري رهيا آهيون.

هن چيو ته سمورن ماڻهن کي اپيل آهي ته هو پنهنجي جذبن تي قابو رکن،

پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته جوابدارن جي فوٽيجز کي ڏسي هر ماڻهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جهڙي ريت ٻارڙي جوابدار سان گڏ وڃي رهي آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته جوابدار ٻارڙي جو واقف آهي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته ٻارڙي کي قتل ڪندڙ جوابدار ڪجهه ڪلاڪن ۾ گرفتار ٿي ويندو.

هن چيو ته زينب جي اغوا بعد پوليس ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، اهو چوڻ غلط آهي ته پوليس ڪجهه به نه ڪيو آهي.

قانون واري وزير چيو ته پوليس پروفيشنل انداز ۾ ڪيس تي محنت ڪئي، ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ جوابدار گرفتار ڪيو ويندو، جوابدار جي گرفتاري جي حوالي سان حڪومت پاران ڪا به ڪوتاهي نه ڪئي وئي آهي.

فائرنگ جي واقعي بابت ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته قصور واقعو افسوس جوڳو آهي، جنهن تي ماڻهن کي جذبن جي اظهار جو حق حاصل آهي.

هن چيو ته احتجاج دوران آفيس ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ غلط آهي، جيڪڏهن ايئن ٿيو آهي ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو.

راڻا ثناءُ الله چيو ته حڪومت کان هدايت ملي آهي ته طاقت جو مظاهرو گهٽ کان گهٽ ڏيکاريو وڃي ۽ ماڻهن کي پرامن طور منتشر ڪيو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*