جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته دنيا گلوبل بستي بڻجي چڪي آهي، جنهن کي ميڊيا ڪلاس روم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو

Siraj-Ul-Haq-27117

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته دنيا گلوبل بستي بڻجي چڪي آهي، جنهن کي ميڊيا ڪلاس روم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جنهن سبب اولهه ۽ اوڀر جون خبرون تمام جلد پهچي وينديون آهن، ڪرپٽ سياسي قيادت هميشه ملڪ جو سودو ڪيو آهي.

پشاور ۾ اسلامي جمعيت طلبا جي انتظام هيٺ اسٽوڊنٽس ٽيلنٽ ايڪسپو منعدقد ڪيو ويو، جنهن ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته دنيا گلوبل بستي بڻجي چڪي آهي، جنهن کي دنيا ڪلاس روم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب اولهه جو خبرون اوڀر ۾ تمام جلد پهچي وڃن ٿيون.

هن چيو ته اسان قائداعظم جي تصور موجب، پاڪستان کي اسلام جي تجربي گاهه بڻائڻ چاهيون ٿا.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته اسان جو مقابلو اسلامي دنياجي قدرتي وسيلن ۽ جاگرافيائي حدن تي قبضو ڪندرن سان آهي.

هن چيو ته اسان جو مقابلو ڪلڀوشن ۽ ريمنڊ ڊيوس جي آقائن سان به آهي، اسان جو سرمايو ۽ اثاثو بنڪ جي دولت نه پر نوجوان آهن.

سراج الحق چيو ته اولهه جو نظام مسجدن ۽ مدرسن کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو، اسان کي ان کي تحفظ فراهم ڪرڻو آهي…..

جماعت اسلامي جي امير چيو ته مسجد کي عدالت ۽ مشاورت جو مرڪز بڻائڻو آهي ۽ دشمن جي سازشن کي سمجهڻ اسان جي ذميواري آهي.

سراج الحق چيو ته روس جي شڪست کانپوءِ نيٽو اسلام جو دشمن قرار ڏنو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*