سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳوڻ خواجه اظهار چيو آهي ته قصور واقعو وحشت ۽ شهباز شريف لاءِ چئلينج آهي

khuwaja izhar

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳوڻ خواجه اظهار چيو آهي ته قصور واقعو وحشت ۽ شهباز شريف لاءِ چئلينج آهي، ان خلاف اسيمبلي ۾ مذمتي ٺهراءُ آندو ويندو، سنڌ سميت سمورن صوبن جا وڏا وزير ڪارڪردگي ناهن ڏيکاري سگهيا انڪري استعفائون ڏين.

سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه اظهار چيو ته بلوچستان جي وڏي وزير استعيفيٰ ڏئي جمهوريت پسند هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي.

هن چيو ته سنڌ سميت سمورن صوبن جا وڏا وزير ڪارڪردگي ناهن ڏيکاري سگهيا  جنهنڪري استعفائون ڏين.

سنڌ اسميبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته عمران خان جي شادي ذاتي معاملو پر حساس بيڪ گرائونڊ سان گڏ غلط وقت تي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*