سامارو لڳ ڳوٺ حاجي جان محمد ڳهلڙو ۾گهرن کي اوچتو باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪيترائي گهر سڙي رکي ٿي ويا، جڏهن ته گهرن ۾ پيل الهه تلهه سڙي ويو

samaro fire hjome

سامارو لڳ ڳوٺ حاجي جان محمد ڳهلڙو ۾گهرن کي اوچتو باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪيترائي گهر سڙي رکي ٿي ويا،  جڏهن ته گهرن ۾ پيل الهه تلهه سڙي ويو.

حاجي جان محمد ڳهلڙو ۾ ڀيل برادري سان تعلق رکندڙ هارين گيڊو، ميوو، پرتاب ۽ ڪرشن ڀيل جي ڪکاون گهرن کي اوچتو باهه لڳي، جنهن جي نتيجي ۾ گهرن ۾ پيل سامان سميت 5 ٻڪريون سڙي ويون.

ڳوٺاڻن پاڻمرادو باهه کي وسائڻ جي ڪوشش دوران ميوو ۽ ڪرشن سڙي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال پهچايو ويو.

جڏهن ته ڪيترن ئي ڪلاڪن کان فائربرگيڊ گاڏي نه پهتي، ڳوٺاڻا کلي آسمان هيٺ خيما کوڙڻ لڳا.

ڳوٺاڻن وس وارن کي اپيل ڪئي ته مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن سندن اجها ٻيهر اڏي سگهون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*