قصور ۾ اغوا بعد زيادتي ڪري وحشياڻي نموني قتل ڪيل معصوم ٻارڙي زينب جي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي آهي

qasoor zainab

قصور ۾ اغوا بعد زيادتي ڪري وحشياڻي نموني قتل ڪيل معصوم ٻارڙي زينب جي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي آهي،عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري چيو آهي ته ماڊل ٽائون سانحو ورجايو ويو آهي، قصور واقعي جيتري مزمت ڪجي گهٽ آهي.

قصور ۾ اغوا بعد زيادتي ڪري وحشياڻي نموني قتل ڪيل 7 ورهين جي معصوم ٻارڙي زينب جي جنازي نماز  ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.

جنازي نماز جي امامت عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري ڪئي، جنهن بعد آلين اکين سان ٻارڙي جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

جنازي نمازي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي.

هن چيو ته شريف ڀائرن جي حڪومت ۾ معصوم ٻارڙا محفوظ ناهن، حڪومت کي هاڻي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪوبه حق نه آهي.

هن چيو ته قصور ۾ معصوم ٻارڙي کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو، جيڪو افسوس جوڳو عمل آهي.

هن چيو ته نينگري کي انصاف ڏيارڻ لاءِ اڄ احتجاج دوران 2 ماڻهو مارجي ويا، ڪيترائي زخمي ٿيا آهن.

ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته قصور واقعي کي 4 ڏينهن گذري ويا، حڪومت قاتل نه پڪڙيا آهن، شريف ڀائر مظلومن  وٽ اچي انهن جو سهارو  بڻجڻ گهرجي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*