هالاڻي ويجهو سڱاوتي تڪرار تان جوابدارن جي فائرنگ ۾ پيرسن عورت مارجي وئي

Halani

هالاڻي ويجهو سڱاوتي تڪرار تان جوابدارن جي فائرنگ ۾ پيرسن عورت مارجي وئي، جڏهن ته جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا.

جوابدارن ڳوٺ الاهي بخش مگسي ۾ عبدالرحمان مگسي جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن دوران 50 ورهين جي نظيران زال عبدالرحمان مگسي مارجي وئي، واقعي بعد جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا.

هالاڻي پوليس عورت جو لاش تحويل ۾وٺي ڪنڊياري اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

ان موقعي تي مارجي ويل نظيران جي مڙس عبدالرحمان مگسي جو چوڻ هو ته جوابدار کانئس ڌيءَ جو سڱ گهريو هو، انڪار ڪرڻ  تان جوابدارن حملو ڪري سندس گهر واري کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن.

ٻئي پاسي هالاڻي ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيوهو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*