ڪوٽڙي اليڪشن ٽربيونل ڄام مدد علي جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

ڪوٽڙي جي اليڪشن ٽربيونل فنڪشنل ايم پي اي ڄام مدد علي جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏيندي پ پ جي اصغر جوڻيجو کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ڄام مدد علي چيو آهي ته اليڪشن ٽربيونل هڪ طرفو فيصلو ڏنو آهي جنهن خلاف هو سپريم ڪورٽ تائين ويندو.

اليڪشن ٽربيونل ڪوٽڙي سانگهڙ ضلعي جي صوبائي تڪ 81 تان ڪامياب ٿيل فنڪشنل ايم پي اي ڄام مدد علي جي ڪاميابي ڪالعدم قرار ڏيندي پ پ جي اصغر جوڻيجو کي ڪامياب قرار ڏنو.

پي ايس 81 تي پ پ جي هارايل اميدوار اصغر جوڻيجو ڄام مدد جي ڪاميابي کي اليڪشن ٽربيونل ۾ چئلينج ڪيو هو.

فنڪشنل اڳواڻ ڄام مدد علي اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي تي اعتراض واريندي چيو ته سندس خلاف هڪ طرفو  فيصلو ڏنو ويو آهي، جنهن کي هو سپريم ڪورٽ تائين چيليج ڪندو.

هن چيو ته  هو عدالتن جو احترام ڪن ٿا پر اها انصاف جي تقاضا نه آهي.

هن چيو ته پ پ جي دور ۾ فوج جي نگراني ۾ چونڊون  ڪرايون، رٽرننگ آفيسر به ٻيهر ڳڻپ دوران سندس حق ۾ فيصلو ڏنو.

هن چيو ته سندس حق ۾ فيصلو اچڻ باوجود اليڪشن ٽربيونل سندس خلاف هڪ طرفو فيصلو ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*