واهي پانڌي ۾ سيپڪو پاران ڳرا بل موڪلڻ خلاف آبادگارن احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو

wahe pandhi abadgar ahtjaj

واهي پانڌي ۾ سيپڪو پاران ڳرا بل موڪلڻ خلاف آبادگارن احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو .

آبادگارن وارث رستماڻي، مرتضى رستماڻي۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي ريلي ڪڍي گورک چوڪ تي ٽائرساڙي ڌرڻو هنيو.

 ان موقعي تي آبادگارن چيو ته  سيپڪو پاران ڊسمبر مهيني جي بل ۾بناجواز ڊڊيڪشن هنئي وئي آھي.

 هنن وڌيڪ چيو ته واهي پانڌي فيڊر جو لائين سپريڊنٽ آفتاب پنهور رشوت نه ڏيڻ سبب آبادگارن کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڊڊڪڊشن وارا موڪلي رهيو آهي.

آبادگارن مطالبو ڪيو ته ايل ايس خلاف ڪارروائي ڪري  زراعت کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*