ڪوٽڏيجي ويجهو ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ هٿياربندن اوطاق تي ستل ڳوٺاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

kotdeji

ڪوٽڏيجي ويجهو ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ هٿياربندن اوطاق تي ستل ڳوٺاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

نامعلوم هٿياربندن ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ اوطاق تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 40  ورهين جو خان محمد ڄامڙو مارجي ويو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا.

ڪوٽڏيجي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

ان موقعي تي مارجي ويل پيرسن جي پٽ جو چوڻ هو ته والد اوطاق واري زمين جي گهر ۾ ستل هيو، جتي جوابدارن حملو ڪري پيءُ کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ظالمن پيءُ کي قتل سندن سان  ڏاڍو ظلم ڪيو آهي.

ٻئي پاسي ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*