ٽنڊي ڄام ويجهو 10مهينا اڳ قتل ڄاڻايل ناريءَ جي قبر ڪشائي ڪري سندس جزا حاصل ڪيا ويا

Tando-Jam-24-2-16

ٽنڊي ڄام ويجهو 10مهينا اڳ  قتل ڄاڻايل ناريءَ جي قبر ڪشائي ڪري سندس جزا حاصل ڪيا ويا.

سول اسپتال حيدرآباد جي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم جوڊيشل مئجسٽريٽ عبدالرقيب تنيو جي موجودگي ۾  ڇلگري قبرستان پهچي ناريءَ امينا مري جي قبر ڪشائي ڪري ناريءَ جو پوسٽ مارٽم ڪيو ۽ جسم جا جزا حاصل ڪيا، جيڪي ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري موڪليا ويندا.

ياد رهي ته گذريل سال مارچ دوران قتل ڄاڻايل ناريءَ امينا مري جي والد اسلم مري پٻڻ ٿاڻي تي  ڌي جي قتل جو ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن ۾هن ڌيءَ جي سهري گل دين مري، مڙس سلام دين ، ڏيرن رئيس ۽ امير الدين مري تي ناريءَ کي قتل ڪرڻ جو الزام هنيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*