سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي دوران عدالت پوليس جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي صوبائي ٽاسڪ فورس

Sindh-High-Court-Case-11117

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي دوران عدالت پوليس جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي صوبائي ٽاسڪ فورس، رينجرس ۽ ٻين ادارن کان 8 فيبروري تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي تي پوليس جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهارڪيو.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس آفيسرن جي ناقص ڪارڪردگي سبب ماڻهو عدالتن کان مايوس ٿي ويا آهن.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جو چوڻ هو ته لاپتا شهرين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ اهڙا ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن،جن کي عوام جي ڏکن ۽ سورن جو احساس هجي.

جاچ آفيسر جو چوڻ هوته گم ٿيل يسين دانش ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن آهي،جنهن تي ڪيس داخل ٿيل آهي، جنهن تي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽوجو چوڻ هو ته ڪارڪير به هجي کيس بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته گم ٿي ويل عشرت ۽ يوسف جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

جاچ آفيسر جو چوڻ هوته گم ٿي ويل ٻنهي ڄڻن جو تعلق گينگ وار سان آهي، جن جي ڳولا باوجود پتونه پئجي سگهيو آهي.

عدالت صوبائي ٽاسڪ فورس، رينجرس ۽ ٻين ادارن کان 8 فيبروري تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*