سپريم ڪورٽ رحيم يار خان ۾ شريف ڪٽنب جي بند شگرملز جي ٻئي هنڌ منتقلي کي روڪڻ جو حڪم ڏيندي لاهور هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتيون

Supreme-Court-27117

سپريم ڪورٽ رحيم يار خان ۾ شريف ڪٽنب جي بند شگرملز جي ٻئي هنڌ منتقلي کي روڪڻ جو حڪم ڏيندي لاهور هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتيون، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته بابا رحمت سان سچ ڳالهائيندئو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، اسان هڪ هڪ شيءَ جي مانيٽرنگ ڪنداسين، جيڪو ڪو به غلط ڪم نه آهي، اکيون۽ ڪن کليل آهن،عدالت ٻاهران جيڪوڪجهه ٿئي پيوخبرآهي،

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار شگر ملز جي منتقلي بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته هميشه چوندو آهيان ته بابا رحمتا سان سچ ڳالهيون،  جيڪڏهن بابا رحمتا سان سچ ڳالهائيندو ته هميشه  بهتر رهندو.

چيف جسٽس هارين جي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته جنهن حد تائين رليف ڏئي سگهون پيا اسان ڏئي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن هارين جا حق متاثر ٿيا ته اسان ويٺا آهيون.

وڪيل اعتزاز احسن چيو ته ڪنهن هڪ شخص جي چوڻ تيه اخبار ۾ اشتهار شايع ڪيا ويا آهن.

چيف جسٽس چيو ته جنهن جون اکيون ۽ ڪن ۽ دماغ بند هوندو، اهو تمام گهڻو ٽيڙي قسم جو چيف جسٽس هوندو آهي پر منهنجيون اکيون، ڪن ۽ دماغ دعالت اندر به کليل هوندو آهي ۽ ٻاهر به.

چيف جسٽس چيو ته هارين ڪنهن جي چوڻ تي عدالت آيا، اسان کي سڀ ڪجهه خبر آهي، اسان هارين کي ان وقت ٻڌنداسين، جڏهن انهن کي نيت تي اعتبار ايندو،

اعتزاز احسن عدالت کي يقين ڏياريندي چيو ته علائقي ۾ 5 شگر ملز هارين کان ڪمند خريد ڪري وٺنديون.

عدالت پاران سمورو ڪمند  خريد ڪرڻ ۽ آبادگارن کي مالي نقصان نه پهچائڻ جو حڪم ڏنو ويو.

عدالت شريف ڪٽنب جي شگر ملز کولڻ واري اسٽي آرڊر بابت داخل درخواست کي رد ڪندي لاهور هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل اپيلن کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتو. ٻڌڻي 18 جنوري تي ٿيندي……a

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*