جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته هن ملڪ ۾ غريبن لاءِ ڪا جاءِ ناهي، قصور ۾ معصوم ٻارڙِي کي اغوا ڪرڻ بعد بي رحميءَ سان قتل ڪيو ويو

siraj ul haq qasoor

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته هن ملڪ ۾ غريبن لاءِ ڪا جاءِ ناهي، قصور ۾ معصوم ٻارڙِي کي اغوا ڪرڻ بعد بي رحميءَ سان قتل ڪيو ويو، ٻارڙي زينب ظالم ۽ ڪرپٽ حڪمرانن خلاف فرياد بڻجي وئي، هاڻ حڪمرانن کي وڌيڪ اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو حق ناهي.

جماعت اسلامي جو امير سراج الحق قصور ۾ زيادتي بعد وحشياڻي نموني قتل ڪيل نينگري زينب جي گهر پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي.

قصور ۾ مظاهري کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته شهبازشريف رات جي اونداهي ۾ زينب ي گهر پهچي تعزيت ڪئي، رات جي اونداهي ۾ ته ڇاپا هنيا ويندا آهن، وڏي وزير کي ڏينهن ۾ وضاحت ڏيڻ گهرجي ها.

هن چيو ته حڪمرانن کي وڌيڪ اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو به حق نه آهي، فوري تي استعيفيٰ ڏني وڃي.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته زينب جي واقعي تي مون سميت 22 ڪروڙ پاڪستانين کي ننڊ نه آئي.

هن چيو ته هر پاڪستاني پنهنجي ٻارڙي کي ڏسي فڪر مند آهي، عوام کي اپيل ڪريان ٿو ظلم جي هن نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ ساٿ ڏنو وڃي.

سراج الحق چيو ته پنجاب پوليس کي شرم اچڻ گهرجي، جڏهن زينب جو لاش هٿ آيو ته سندس گهر وارن کي چيو ويو ته پوليس وارن کي 10 هزار انعام ڏنو وڃي.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته قصور کي پنجاب حومت ظلم جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آهي، قاتلن کي ڦاهي تي پهچائڻ تائين آرام سان نه ويهنداسين……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*