پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر شيري رحمان سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائي ڇڏيو

sherry rehman

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽر شيري رحمان سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرائي ڇڏيو، ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي متن موجب، قصور واقعو هڪ خوفناڪ واقعو آهي، قانون ۽ انصاف وارو وزير ايوان ۾ جواب ڏي، قصور واقعي سميت سمورن واقعن جي مڪمل جاچ ڪرڻ ضروري آهي.

پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان سينيٽ گذريل ڏينهن قصور ۾ نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري واقعي تي ڌيان ڇڪايو پيش آيو.

ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي متن موجب، قصور ۾ هڪ 8 ورهين جي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو ويو، اهو هڪ خوفناڪ واقعو آهي.

ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي متن موجب، حيران جوڳي ڳالهه آهي ته هڪ سال دوران قصور ۾ اهڙا 10 واقعا پيش اچي چڪا آهي، جيڪي ڳڻتي جوڳا ۽ پريشان ڪندڙ آهن.

ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي متن موجب، 2015ع ۾ هڪ گينگ 280 ٻارڙن کي اغوا ڪري جنسي تشدد جو نشانو بڻايو. اهڙن واقعن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

ڌيان ڇڪايو نوٽيس موجب، قصور واقعي سميت سمورن واقعن جي مڪمل جاچ ڪرڻ ضروي آهي، اهڙن سنگين واقعن تي قانون ۽ انصاف وارو وزير ايوان ۾ جواب ڏين…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*