پيپزپارٽي قصور ۾ لڱ ڪانڊرائيندڙ واقعي خلاف قومي اسيمبلي ۾ التوا واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

national assembly

پيپزپارٽي قصور ۾ لڱ ڪانڊرائيندڙ واقعي خلاف قومي اسيمبلي ۾ التوا واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي، رٿ ۾ چيو ويو آهي ته ايوان جي ڪارروائي روڪي قصور ۾ ٿيل زينب جي بي رحماڻي قتل واري واقعي تي بحث ڪرايو وڃي ۽ جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ عمران ظفر لغاري، شازيه مري، بيلم حسنين، نفيسه شاهه ۽ ٻين عورت اڳواڻن پاران قصور واقعي خلاف التوا واري رٿ جمع ڪرائي وئي.

جمع ڪرايل رٿ جي متن موجب، ايوان جي ڪارروائي روڪي قصور ۾ زينب سان پيش آيل واقعي ۽ بي رحماڻي قتل تي بحث ڪرايو وڃي.

رٿ ۾ چيو ويو آهي ته قصور واقعو هڪ ڀيرو ٻيهر موجوده حڪومت طرفان کنيل ناڪافي انتظامن  ڏانهن اشارو ڪري ٿو.

التوا واري رٿ ۾ چيو ويو اهي ته افسوس آهي ته قصور ۾ بار بار اهڙا ڏوهه ٿي رهيا آهن، حڪومت هن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

جمع ڪرايل التوا واري رٿ ۾ چيو ويو ته  جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري عبرت ناڪ سزا ڏني وڃي ۽ هن واقعي تي ايوان ۾ فوري بحث ڪرايو وڃي ته جيئن مستقبل ۾  اهڙن واقعن کان ٻارڙا محفوظ رهي سگهن. ………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*