پير جو ڳوٺ ويجهو نافرمان پٽ سندن پيءُ کي تشدد جو نشانو بڻائي ڏاڙهي جا وار ڪتري ڇڏيا

pirjo goth

پير جو ڳوٺ ويجهو  نافرمان پٽ سندن  پيءُ کي تشدد جو نشانو بڻائي ڏاڙهي جا وار  ڪتري ڇڏيا.

ڳوٺ بچل ملاح ۾ نافرمان پٽ پنهجي پيرسن پيءُ محمد ڇتل ملاح تي تشدد ڪيو.

ان موقعي تي نافرمان پٽ هٿان تذليل جو نشانو بڻيل پيرسن جو چوڻ هو ته پٽ کي نشو نه واپرائڻ جي منع ڪرڻ تان نافرمان ڪاوڙ ۾ اچي مون مٿان تشدد ڪري ڏاڙهي جا وار ڪتري ڇڏيا آهن.

هن چيو ته مونکي سندن پٽ کان خطرو آهي ته هو مونکي قتل نه ڪري ڇڏي.

هن ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته نافرمان پٽ خلاف ڪارروائي ڪري مونکي تحفظ ڏنو وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*