ڪنري ۾ حد دخلين خلاف ڪارروائي دوران ريڙھا ھٽائڻ خلاف ريڙھي وارن ھڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو

kunri mazdoor pro

ڪنري ۾ حد دخلين خلاف ڪارروائي دوران ريڙھا ھٽائڻ خلاف ريڙھي وارن ھڙتال ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو.

ريڙهي مالڪن  ارشاد عباس، جميل ڀٽي، ڏيارام ۽ ٻين احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪيو ۽ چوڪ تي ڌرڻو ھنيو.

 اڳواڻن جو چوڻ ھو ته ٽائون ڪميٽي انتظاميا حد دخلين جي آڙ ۾ غريبن ريڙهي وارن کان روزي کسي رهي آهي.

هنن چيو ته روڊن ۽ سرڪاري پلاٽن تي قبضا ڪري تعمير ڪيل عمارتون ڊاهڻ بدران ريڙهي وارن کان  روزگار کسڻ زيادتي آهي.

ھنن گھر ڪئي ته سندن  مسئلو حل ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾  هڙتال جاري رهندي.

ٻئي پاسي ٽائون ڪميٽي جي وائس چئرمين غلام حسين درس  ۽ انجمن تاجران جي صدر حاجي عبدالحفيظ احتجاج ڪندڙن وٽ پهچي ڳالھيون ڪري احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*