پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف قصور ۾ معصوم نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ جوابدار جي نشاندهي ڪندڙ کي هڪ ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Shahbaz-Sharif-221016

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف قصور ۾ معصوم نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ جوابدار جي نشاندهي ڪندڙ کي هڪ ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، شهبازشريف چيو آهي ته احتجاج دوران پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻن ڄڻن جي وارثن کي 30، 30 لک رپيا ڏيندا.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جي امن ۽ امان بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.

اجلاس پنجاب جو قانون وارو وزيرراڻا ثناءُ، چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

اجلاس ۾ قصور واقعي بعد شهر ۾ سيڪيورٽي صورتحال سميت مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو.

ان موقعي تي لاڳاپيل ادارن قصور واقعي جي حوالي سان پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي.

اجلاس ۾ وڏي وزير شهبازشريف پاران معصوم ٻارڙي جي بازيابي ۾ دير ۽ قاتل جي گرفتاري نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

شهباز شريف لاڳاپيل ادارن کي حڪم ڏيندي چيو ته قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

پنجاب جي وڏي شهبازشريف قاتلن جي نشاندهي ڪندڙ کي هڪ ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

شهبازشريف قصور ۾ احتجاج دوران پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻن ڄڻن جي وارثن کي 30، 30 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

شهبازشريف چيو ته احتجاج دوران مارجي ويلن جي ڪٽنب جي هڪ هڪ ماڻهو کي سرڪاري نوڪري به ڏني ويندي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته  فائرنگ ڪندڙ اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، چئن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ، جاچ جاري آهي، جي آءِ ٽي ميمبرن زينب جي گهروارن سان رابطو ڪيو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*