تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ افغان مهاجرن سان مهمانن جيان ورتاءُ ڪيو ويو آهي

imran khan

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ افغان مهاجرن سان مهمانن جيان ورتاءُ ڪيو ويو آهي، آزاد تجارت ۽ اچ وڃ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، افغانستان ۾ امن هر پاڪستاني جي خواهش آهي،

اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان سان پاڪستان ۾ مقرر افغان سفير عمر زخيوال ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ پاڪ افغان لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ افغان مهاجرن سان مهمانن جيان ورتاءُ ڪيو ويو آهي،

هن چيو ته آزاد تجارت ۽ اچ وڃ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، افغانستان ۾ امن هر پاڪستاني جي خواهش آهي،

تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته پرامن افغانستان جي ضرورت پاڪستان کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي کي نه آهي،

عمران خان چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سرحدن جي بندش معاملن جو حل نه آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*