اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خورشيد محمود قصوري چيو آهي ته زينب کي پنهنجي ڌيءُ جيان سمجهون ٿا

khursheed mehmood qasori

اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خورشيد محمود قصوري چيو آهي ته زينب کي پنهنجي ڌيءُ جيان سمجهون ٿا، ٻارڙي سان زيادتي ڪندر ڀڄي نٿا سگهن ٿا ۽ اهي پڪڙجي ويندا، سياست کان مٿانهون معاملي کي اٿاريو وڃي.

اڳوڻو پرڏيهي وزير ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ خورشيد محمود قصوري زيادتي بعد قتل ڪيل ٻارڙي جي گهر پهتو ۽ وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد محمود قصوري چيو ته اسان کي استادن ذريعي ٻارڙن ۾ شعور ۽ آگاهي ڏيڻي پوندي.

هن چيو ته شيطان صفت بگهڙ ٻارڙن کي ورغلائڻ لاءِ اسڪولن ويجهو گهمن ٿا، اسان کي پنهنجي ٻارڙن کي شيطان صفت ماڻهن کان بچائڻ لاءِ طريقي ٻڌائڻ گهرجي.

اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته قصور ۽ ٻين علائقن ۾ زيادتي جا واقعا پيش اچي رهيا آهن، جيڪي سماجي مسئلا آهن.

خورشيد قصوري چيو ته واقعي سان اهڙو شرم محسوس ٿيو آهي، جنهن بابت ڪنهن کي ٻڌائي نٿا سگهون. والدين کي گهرجي تي ٻارڙن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.

اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته پوليس پاران مظاهرو ڪندڙن تي فائرنگ مذمت جوڳو عمل آهي، قصور واقعي بعد فائرنگ ڪرڻ جي ضرورت ڇو پئي، ان واقعي جي به جاچ ڪرائي وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*