قصور ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل معصوم نينگري زينب جو قاتل گرفتار نه ٿي سگهيو

qasoor ningri agwa bad qatal

قصور ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل معصوم نينگري زينب جو قاتل گرفتار نه ٿي سگهيو، احتجاجن ۽ پرتشدد مظاهرن بعد ڪارونهوار معمول تي اچي ويو آهي، ڊپٽي ڪمشنر سائره عمر چيو آهي ته حساس هنڌن تي پوليس مقرر ڪئي وئي آهي، سڀاڻي سڄي ضلعي ۾ سموريون سرگرميون معمول موجب هونديون.

قصور ۾  زيادتي بعد قتل ڪيل معصوم نينگري جو قاتل هن وقت تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي، سڄو ملڪ معصوم نينگري جي قتل تي سراپا احتجاج بڻيل آهي.

چئن ڏينهن جي احتجاجن ۽ پرتشدد مظاهرن بعد ڪارونهوار معمول تي اچي ويو آهي. ڪاروباري مرڪز به اڄ کليل آهن.

ڊپٽي ڪمشنر سائره عمر چيو ته حساس هنڌن تي پوليس جي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شهر ۾ حالتون بهتر ٿي ويون آهن.

ڊپٽي ڪشنر قصور چيو ته سڀاڻي کان سڄي ضلعي ۾ سموريون سرگرميون معمول تي اچي وينديون

واضح رهي ته آءِ جي پنجاب چيو هو ته جوابدار  زينب کان اڳ به 7 ٻارڙين  سان زيادتي بعد کين قتل ڪري چڪو آهي، زينب جي جسم مان وحشي قاتل جا ورتل ڊي اين اي جزا اڳ قتل ٿيل 7 ٻارڙين مان ورتل ڊي اين اي سان ميچ ٿي ويا آهن.

آءِ جي پنجاب عارف نواز  جو چوڻ هو سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ ٻين شاهدين جي مدد سان جوابدار جي ويجهو پهچي چڪا آهيون، جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*