تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته مدرسن کي قومي ڌاري ۾ آڻينداسين

Imran-Khan-Tweet-21117

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته مدرسن  کي قومي ڌاري ۾ آڻينداسين، طالبان هٿان  ناڪام ٿيڻ کان پوءِ امريڪا پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو، جيڪڏهن چونڊن بعد وزيراعظم ٿيس ته آمريڪي صدر سان ملاقات ڪندس، دهشتگردي خلاف جنگ سان  پاڪستان جو ڪوبه واسطو نه هو .

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي  عمران خان چيو ته مدرسن  کي قومي ڌاري ۾ آڻينداسين،

هن چيو ته جڪيڏهن چونڊن کانپوءِ وزيراعظم چونڊجي ويس ته ايندڙ سال 2019ع ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪندس.

عمران خان انٽرويو ۾ آمريڪي صدر کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪڙي ٽڪي آهي پر کائڻي پوندي.

هن چيو ته ٽرمپ جو ٽئيٽ انتهائي توهين جوڳو هو، جهڙي طرح آمريڪا پاڪستان سان ورتاءُ ڪيو، اهو دوست وارو نه هو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو پري پري تائين ڪو به واسطو نه هو.

هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته آمريڪا ۾ ٿيل نائين اليون حملن کانپوءِ دهشتگري خلاف جنگ ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو.

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته پاڪستان ڪنهن به دهشتگردي ۾ ملوث نه هو، هو پاڻ ان جو خاتمو چاهي ٿو.

مدرسن بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته اسان لکين مدرسن کي قومي ڌاري ۾ آڻينداسين ته جئين شاگرد ڪنهن به شعبي ۾ آساني سان نوڪريون حاصل ڪري سگهن…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*