سپريم ڪورٽ، ميِنهن کي لڳايا ويندڙ سمورا ٽيڪا ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

supreme court

سپريم ڪورٽ، ميِنهن کي لڳايا ويندڙ سمورا ٽيڪا ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايڊووڪيٽ محمد واڊا جي سربراهي ۾ ڪيشن جوڙي ڪميشن کان 15 ڏينهن ۾ کير جي نمونن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ دٻن ۾ غيرمعياري کير جي وڪري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس موڪل واري ڏينهن تي پيش ٿيڻ تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته عوامي مفادن وارو معاملو آهي، ان کي حل ڪرڻ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ناظر، عدالت ۾ رپورٽ پيشن ڪندي عدالت کي آگاهي ڏني ته ميِنهن کي کير جي واڌءُ لاءِ لڳائي ويندڙ ٽيڪن جا 39 پيڪٽ ميڊيل اسٽور تان ضبط ڪيا آهن.

چيف جسٽس حڪم ڏنو ته مارڪيٽ ۾ ڪيتري انگ ۾اهي ٽيڪا موجود آهن، ڊرگ انسپيڪٽر سان گڏ ايف آءِ اي به ڊرگ ڊيلرز ۽ رٽيلرز جو اسٽاڪ جو جائزو وٺي ٽيڪا ضبطن ڪن.

ميان ثاقب نٿار چيو ته کير تيار ڪندڙ فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي هيپا ٽائيٽس واريون بيماريون ٿي رهيون آهن، ناظر ملازمن جا ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ وٺي.

چيف جسٽس پوليس، ايف آءِ اي ۽ اسسٽنٽ ناظر کي ڪميشن سان سهڪار ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو.

عدالت ۾ ڪراچي ۾ کير تيار ڪندڙ 50 فيڪٽرين جي فهرست به پيش ڪئي وئي، جنهن تي چيف جسٽس ايڊوڪيٽ محمد واڊا جي سربراهي ۾ ڪيشن جوڙيندي ڪميشن کي کير تيار ڪندڙ سمورين فيڪٽرين جو معائنو ڪري نمونا وٺي 15 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*