پاڪستان جي گهٽ عمر واري مائڪرو سافٽ انجنيئر ارفع ڪريم جي اڄ ڇهين ورسي ملهائي پئي وڃي

arfa karim

پاڪستان جي گهٽ عمر واري مائڪرو سافٽ انجنيئر ارفع ڪريم جي اڄ ڇهين ورسي ملهائي پئي وڃي، ارفع ڪريم کي 9 سالن جي عمر ۾مائڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ پروفيشنل جو سرٽيفڪيٽ مليو، 17 سالن جي عمر ۾ دماغي مرض سبب هو اسان کان وڇڙي وئي.

 ڪنهن نه ڄاتو هو ته 2 فيبروري 1995 ۾ فيصل آباد جي ڳوٺ چڪ فور ۾ جنم وٺندڙ ارفع ڪريم دنيا ۾ ننڍي ڄمار واري آءِ ٽي ماهر هجڻ جو اعزاز ماڻي ڪروڙين ماڻهن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيندي.

ارفع ڪريم رنڌاوا رڳو 9 ورهين جي ڄمار ۾ سال 2004 ۾ مائيڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ پروفيشنل جو امتحان پاس ڪيو ته سڄي دنيا ۾ سندس ذهانت کي مڃتا ملي.

  مائيڪرو سافٽ ڪمپني جي چيئرمين بل گيٽس ارفع ڪريم کي آمريڪا اچڻ لاءِ دعوت ڏئي مائڪرو سافٽ هيڊڪوارٽر جو دورو پڻ ڪرايو.

 ارفع ڪريم رنڌاوا کي صلاحيتن جي اعتراف طور سال 2005 ۾ پرائڊ آف پرفارمنس جي ايوارڊ سان نوازيو ويو ۽ فاطمه جناح گولڊ ميڊل به سندس حصي ۾ آيو ۽ کيس پاڪستان يوٿ ايوارڊ به ڏنو ويو.

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني پاران جنوري 2010 ۾ کيس سفير پڻ مقرر ڪيو ويو.

ارفع ڪريم رنڌاوا نه رڳو آءِ ٽي ماهر هئي پر هڪ بهترين مقرر به هئي.

ارفع ڪريم رنڌاوا جي ڪاميابين جو سفر اڃا جاري هو ۽ سال 2011 ۾ اي ليول جي ٻئي سال ۾ پڙهي رهي هئي ته سندس طبعيت اوچتو خراب ٿي پئي ۽ کيس دماغي بيماري سبب سي ايم ايڇ لاهور ۾ داخل ڪرايو ويو.

 پاڪستان جي هن ذهين ترين نينگريءَ جو حياتيءَ وڌيڪ ساٿ نه ڏنو ۽ هوءَ 17 ورهين جي ڄمار ۾ هميشه لاءِ لاءِ موڪلائي وئي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*